SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Power Vacuum

(click word to listen sound
  • 🔊
  • pauər
  • kstouðpauərɔfn
  • vækjeəm
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Power Vacuum

پاور ويڪيوم

طاقت جو خال

هي هڪ تصور آهي جيڪو ڪنهن به رياست ۾ حڪومتي اختياريءُ جي اڻ-هوند کي ظاهر ڪري ٿو. ان تصور موجب جنهن به رياست ۾ مرڪزي اختياريءُ جي عدم موجودگيءُ واري صورتحال هوندي ته طبعي سائنس جي اصول جيان سياسي خال ڀرڻ لاءِ فوجي حلقا، هٿياربند گروه ،جنگي سردار، آمر ۽ باغي ڌريون اقتدار تي قبضو ڪري ويهنديون . اهڙي صورتحال بعد ۾ گهرو لڙائيءُ کي به جنم ڏيندي آهي . ان قسم جو هڪ مثال صوماليا ۽ ٻيو مثال بوزنيا جي گهرو لڙائين جي صورت ۾ سامهون آهي. ان کان سواءِ بين الاقوامي تعلقات جي حوالي سان به اهڙو خال علائقي ۾ ڪنهن عالمي طاقت جي عدم موجودگيءُ سبب ”طاقت جي توازن“ ۾ گڙ ٻڙ پيدا ٿيڻ جي شڪل ۾ ظاهر ٿيندو آهي. ان تسلسل ۾ هندي وڏي سمنڊ ۾ پنهنجي فوجي موجودگيءَ کي جائز بنائڻ لاءِ آمريڪا هي تصور پيش ڪيو. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ آيل زوال جي نتيجي ۾، جڏهن برطانيا دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ قائم پنهنجي قبضي ۾ آيل علائقن مان واپس وڃڻ شروع ڪيو، ته (آمريڪي سياستدانن مطابق) اتي ”طاقت جو خال“ پيدا ٿيو، جنهن کي ڀرڻ لاءِ آمريڪا اڳتي وڌي ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مثال طور مصر ۾ سوئيز درياءَ جي اڀرندي پاسي مان برطانيا واپس وڃڻ جو فيصلو ڪيو ته آمريڪا ان جي جاءِ والارڻ لاءِ اڳتي وڌي برطانيا جي خالي ڪيل جاءِ ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڇاڪاڻ ته آمريڪا جي پاليسي ساز ادارن جي خيال مطابق هندي وڏي سمنڊ مان برطانيا جي ٽپڙ ويڙهڻ سبب طاقت جو جيڪو خال پيدا ٿيندو، سو دنيا لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيڻ سان گڏ آمريڪي مُفادن ۽ سيڪيورٽي جي حوالي سان به نازڪ ثابت ٿي سگهي ٿو


Remember Me Also:

انجمن گاه

ذ. ميڙ جي جاءِ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal